چونڊ مضمون


Sindh EU4.jpg

سما برصغير جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي. سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي. سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو. ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا.


بهترين مضمون


Pakistan relief location map.jpg

ڀاشا ديامير ڊيم، ڪنڪريٽ يا پٿرن سان جڙيل ڪشش ثقل ڊيم آهي، جيڪو هن وقت تعمير جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، هي ڊيم سنڌو درياهه مٿان گلگت بلتستان واري علائقي ۾ جوڙيو پيو وڃي. هن ڊيم جو افتتاح پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني 18 آڪٽوبر 2011ع تي ڪئي. تعمير کان پوءِ ديامير ڀاشا ڊيم ڪنڪريٽ سان جوڙيل دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيم هوندو. هن ڊيم جو سلپ وي 272 ميٽر اوچو هوندو، جنهن ۾ 14 در لڳل هوندا، هر در جي ويڪرائي 11.5 ميٽر ۽ اوچائي 16.24 ميٽر هوندي. هن ڊيم ۾ 81،00،000 ايڪڙ فوٽ پاڻي محفوظ ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته وهندڙ پاڻي 6،400،000 ايڪڙ فوٽ محفوظ ڪري سگھجي ٿو.



هاڻوڪا واقعا


سهالي ورڪ زيوڊي
سهالي ورڪ زيوڊي

اڄ جو ڏينهن



وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!


وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 11,125 مضمون موجود آهن.

ٻي ٻوليءَ ۾ پڙھو